اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اهو ثابت ٿي ويو آهي ته سياسي پارٽين جا سربراهه اهي هوندا جن کي عوام ۽ سياسي پارٽيون نامزد ڪنديون، ڳڻپ جو راڳ آ??اپ?? ۽ ڳڻپ ڪائونٽر هڻندڙن کي اڄ شڪست ٿي آهي، اڄ پاڪستان جي جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي مان پارٽي سربراهه جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي پيش ڪيل آئيني بل جي رد ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پوري قوم مبارڪباد جي مستحق آهي، جيڪو قانون پارليامينٽ رد ڪيو ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿي وئي ته ڪمزور ڪندڙ ڪاري قانون کي اڄ پارليامينٽ شڪست ڏئي ڇڏي آهي، اڄ جمهوريت جو د??ر آهي جنهن ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، مح??د نواز شريف جي خلاف سازشون ڪندڙن کي اڄ شڪست ٿي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین