ننڪا صاحب– 11 آگسٽ (ا?? پي پي) گهرو وزير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته اکنڊ ڀارت جو نعرو رڳو هندن جي لاءِ لڳايو ويندو آهي، ڀارت ۾ هٽلر طرز جي حڪومت آهي، جڏهن ??ه پاڪستان اقليتن جي لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي. اهڙو اظهار هن ضلعي ڪائونسل هال ننڪانه صاحب ۾ منعقد تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو جنهن ۾ سک، مسيحي ۽ هندو اڳواڻن سميت ??هر??ن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته بيگناهه ڪشميرين تي ڀارتي فوجين جا ظلم انتهائي مذمت جوڳا آهن، ڀارت ۾ سکن، مسلمانن ۽ مسيحي برادرين سان هميشه متڀيد وارو سلوڪ رکيو ويو آهي. اکنڊ ڀارت جو نعرو رڳو هندن لاءِ لڳايو وڃي ٿو ۽ ڀارت ۾ هٽلر طرز جي حڪومت آهي، هن چيو ??ه پاڪستان جي قيام ۽ ملڪي ترقي ۾ اقليتن جو ڪردار وساري نٿو سگهجي، پاڪستان اقليتن لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت