اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي مل?? ۾ ??ذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 29 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ??لڪ ۾ 4 هزار 974 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آي??. ??لڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ وينٽيليٽرز تي ??ووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 67 سيڪڙو، لاهور ۾ 67 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 64 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ??لڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ??ورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 84 سيڪڙو، سوات ۾ 100 سيڪڙو، گجرات ۾ 74 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 127 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 634 پنجاب ۾ 22 هزار 624، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 672، اسلام آباد ۾ 7 هزار 564، بلوچستان ۾ 466، گلگت بلتستان ۾ 367، آزاد ڪشمير ۾ 822 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي مل?? ۾ ??وويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 5 هزار 274 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ??وويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ??وويڊ 19 جا 419 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ??وويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 53 هزار 127 آهي.
ڪورونا سبب وڌيڪ 98 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ