اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪورونا وائرس سبب 75 فوتگيون ٿيون جنهن مان 36 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪما??ڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 726 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 66 سيڪڙو، لاهور ۾ 42 سيڪڙو، پشاور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو م??يض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 54 سيڪڙو م??يض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪوويڊ – 19 جا 62 هزار 706 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 22 هزار 43، پنجاب ۾ 24 هزار 914، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 771، اسلام آباد ۾ 5 هزار 157، بلوچستان ۾ هڪ هزار 418، گلگت بلتستان ۾ 476، آزاد ڪشمير ۾ 907 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 31 هزار 744 ٿي چڪو آهي.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 75 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز