اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خ??ن عالمي برادري تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي، افغانستان ۾ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خ??ن ايران جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي افغانستان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته غيرمعمولي اجلاس سان اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي افغانستان جي مدد جو موقعو ملندو. وزيراعظم عالمي برادري تي ??ور ??نو ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزيراعظم عمران خ??ن دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ايران خ??ص طور تي ??پريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراهيو. هن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
عالمي برادري افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری