اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، بطور اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاق??ن عباسي کي عمران خان جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي ها پر اخلاقيات ۽ (ن) ليگ ٻه جدا جدا شيون آهن. شاهد خاق??ن عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ عوام جي ريليف تي به ڪاوڙيل نظر آئي، (ن) ليگ جي اصل ايجنڊا آهي ڪهڙي؟. فرخ حبيب چيو ته اڄ اسان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ادارن کي تباهه ڪرڻ جو خميازو ڀوڳي رهيا آهي??ن، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ذميوار (ن) ليگ آهي، اسان جي ڪوششن سان اهو گهٽ ٿيو آهي، اسحاق ڊار ڊالر جي مصنوعي ڪيپنگ ڪئي. هن چيو ته پيڪا قانون (ن) ليگ جو ٺاهيل آهي، موجوده حڪومت ته رڳو سزائون واضح ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ج?? تاريخ جا ڪرپٽ ترين ماڻهو (ن) ليگ جو حصو آهن، جيڪڏهن سياست ۾ ڪنهن کي بيساکي جي ضرورت آهي ته اها نواز شريف ۽ شهباز شريف کي آهي، در در جا ڌڪا کائيندڙ مخالف ڌر جي هڪ ئي خواهش آهي ته انهن کي ڪنهن به طرح اين آر او ملي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀني چورن کي انهن جي انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو.
وزيراعظم عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان