اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير مرڪزي ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ??اهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو ا??ها?? ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته اڄ ص??ح مصر جو پرڏيهي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ساڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏيهي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن اجلاس ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف اسان جي ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هد??يت تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلا?? ۾ ??رڪت جي لاءِ ايندڙ مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ