اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سلمان صوفي کي پ??ائ?? منسٽر ??سٽ??يٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان موجب سلمان صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سلمان صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيت??ائ?? عوام دوست منصوبا متعارف ڪرايا آهن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڊي جي ??سٽ??يٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، سلمان صوفي کي دنيا ۾ ع??رتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.
وزيراعظم سلمان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز