اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُون سيڪا سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ وا??ح ڪيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي لڪائڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح جمهو??يت جي آڙ وٺي رهيو آهي جيڪو ڪشمير جي دهشت سٽيل وا??يءَ بيلٽ بدران بلٽ جي ڀارتي پ??ليسي جو وا??ح ثبوت آهي، عالمي برادري غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دنيا کي ظالماڻي نوعيت جي ڀارتي پ??ليسين کي تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سربراهي اجلاس ۾ پنهنجي خطاب جي شروع ۾ مون پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ صحت ۽ خوراڪ ??ي چئلينجن جي حوالي سان آگاهه ڪيو جنهن جي لاءِ عالمي شموليت جي ضرورت آهي. هن چيو ته انساني يڪجهتي ماحولياتي تبديلي ??ي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
مُون سيڪا سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي لڪائڻ لاءِ جمهوريت جي آڙ وٺي رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ