اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن و??ري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن و??ري وزارت ايندڙ هفتي عالمي شراڪتدارن سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي، نئين سر تعمير تي ٻڌل (آر ايف ايس 4) جو هڪ جامع فريم ور?? شيئر ڪندي ته جيئن ان کي باقاعده طور تي ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪا ايندڙ سال جنوري ۾ منعقد ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سان ڊونرز سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي و??ري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري، ميمبر انفرااسٽرڪچر، عالمي شراڪتدارن ۽ سمورن سفارتخانن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي جامع فريم ور?? حصيدارن سان شيئر ڪيو ويندو ته جيئن هو ان جو مطالعو ڪري سگهن ۽ انهن جي قيمتي راءِ سان منصوبابندي و??ري وزارت کي مد?? ملندي جنهن کي باقاعده طور تي جنوري ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير عالمي شراڪتدارن تي بحالي ج?? مرحلي ۾ پاڪستان جي مد?? ج??ري رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڊونرز ٻوڏ کان فورن پوءِ ريسڪيو ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي پاڪستان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته هي سلسلو ايندڙ مرحلي ۾ ج??ري رهندو. اجلاس ۾ منصوبابندي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي آر ايف ايس 4 جي اهميت تي روشني وڌي، جن 17 شعبن خاص طور تي انفرا اسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت تي عملدرآمد لاءِ فريم ور?? تيار ڪيو ويو آهي ۽ جن کي موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويو. وڌيڪ اقتصادي معاملن و??ري سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ٻوڏ کانپوءِ سندن وزارت پڻ ان عمل ۾ شريڪ آهي ۽ اڄ ڊونرز سان هڪ اهم اجلاس ٿيندو . ان موقعي تي ڊونرز حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آئنده ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مد?? ج??ري رکڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.
منصوبابندي واري وزارت جو ڊونرز سان بحالي ۽ نئين سر تعمير تي ٻڌل جامع فريم ورڪ تي ڪم تيز، فريم ورڪ جنوري ۾ ڊونرز ڪانفرنس ۾ باقاعده پيش ڪيو ويندو: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania