اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو هنگري سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپان کي ا??تهائي ا??ميت ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنگري جي دوري جي موقعي تي پنهنجي هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي ڪيو. پرڏيه?? وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، دوري دوران هنگري ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس هنگري جو دورو پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ ن??ين دور جي شروعات آهي. پرڏيه?? وزير دوري جي دعوت تي هنگري جي پنهنجي هم منصب جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ سهولتي ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ هنگري اڄ مفاهمت جي ٽن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جن مان هڪ راندين ۾ تعاون، سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون قائم ٿيندو، پاڪستان ۽ هنگري جي فارن سروس اڪيڊميون هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي تربيت فراهم ڪنديُون جڏهن ته ٽ??ين مفاهمتي ياداشت جو تعلق هنگري جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ دستياب ??سڪالرشپس کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته هنگري جي حڪومت جو هي قدم ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته هنگري ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ اهو قدم کڻي مستقبل جي نسلن ۽ سفارتڪارن تي ا??ويسٽ ڪري رهيو آهي. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ مفاهمت جي ا?? ياداشت جي نتيجي ۾ اسڪالرشپس جو انگ 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ٿي ويندو. هن چيو ته هاڻي پاڪستان ۽ پاڪستاني شاگرد هنگري جون وڌيڪ اسڪالرشپس حاصل ڪندا ۽ اهو هڪ اشارو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي پڻ فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ صحيح گڏيل مشاورت ٿي آهي جنهن سان مختلف موقعا پيدا ٿيندا. پرڏيه?? وزير چيو ته هنگري پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان کان اڳ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي سفيرن جي سالياني ڪانفرنس کي پڻ خ??اب ڪيو. سفيرن جي ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڌرتيءَ تي موجود انسان کي ماحولياتي تبديلي جي صورت ۾ درپيش گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. پرڏيه?? وزير چيو ته اسان کي سفارتڪاري ۽ امن جو رستو نه ڇڏڻ گهرجي. ان کان اڳ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري جو هنگري اچڻ تي پاڪستان جي سفير آصف حسين ميمڻ ۽ هنگري جي اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران هنگري جي هم منصب سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان اڳ ٻنهي پرڏيه?? وزيرن پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ تعاون جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. ڪنهن به پاڪستاني پرڏيه?? وزير پاران هنگري جو هي پهريون سرڪاري دورو هو.
پاڪستان هنگري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج