اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 23 جنوري 2023ع تي بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جي انڪوائري رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي، انڪوائري رپورٽ ۾ انساني غفلت ۽ بجلي جي پهچ جي نظام ۾ موجود خرابيون بنيادي سبب قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته قوم منتظر آهي ته پا??ر بريڪ ڊائون جي ذميوارن کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي، ڪيپڪو جي پا??ر پرچيز معاهدي جي وقت سر تجديد ڇو نه ڪئي وئي، بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا کي 23 جنوري 2023ع تي ملڪ گير پا??ر بريڪ ڊائون جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اها رپورٽ وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيل چار رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي جنهن جي سربراهي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڪري رهيو هو. رپورٽ ۾ نه رڳو ان واقعي جا بنيادي سبب ٻڌايا ويا آهن پر ان حوالي سان ذميوارن جي نشاندهي ۽ اڳتي اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ويون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 23 جنوري 2023ع جي صبح ساڍي 7 وڳي کان بجلي جو بريڪ ڊائون پا??ر پلانٽس جي ٽرپ ٿيڻ سان رڳو چار منٽ ۾ پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويو. ان جو بنيادي سبب انساني غفلت هئي جيڪو رات جو بند ڪيل اي سي سرڪٽس کي صبح جي وقت سوئچ آن نه ڪرڻ هو. جيئن ئي ملڪ جي ا??ر ۾ بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ علائقي ۾ ونڊ انرجي سان پيدا ڪئي ويندڙ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي ته اي سي لائين جي فريڪوئنسي غيرمعمولي طور تي وڌي وئي. ان فريڪوئنسي ۾ هڪدم اضافي سان مختلف پا??ر پلانٽس خودڪار سيڪيورٽي سسٽم تحت ٽرپ ڪري ويا. پا??ر پلانٽس کي بليڪ اسٽارٽ سسٽم ذريعي ري ا??ٽارٽ ٿيڻو هو پر ان نظام جي ناڪامي جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بحالي ۾ تمام گهڻي دير ٿي. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوٽ ادو پا??ر ڪميٽي جنهن وٽ بليڪ اسٽارٽ جي سهولت موجود آهي پر ان پا??ر پلانٽ جي معاهدي جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم منتظر آهي ته ان وڏي واقعي جي ذميوارن کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي. هن هدا??ت ڪئي ته پا??ر ڊويزن ان ڏوهاري غفلت جي مرتڪب اهلڪارن جي خلاف فوري طور تي محڪماڻي ڪارروائي ڪري. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته ڪيپڪو جي پا??ر پرچيز جي معاهدي جو مدو جيڪڏهن ختم ٿي چڪو هو ته ان معاهدي جي تجديد جي لاءِ ضروري ڪارروائي ۾ دير ڇو ڪئي وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اها به هدايت ئي ته بجلي جي نظام کي سپروائيزري ڪنٽرول اينڊ ڊيٽا ايڪوزيشن (ايس سي اي ڊي اي) سان ڳنڍڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. هن هدا??ت ڪئي ته پا??ر ڊويزن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ڪابينا جي منظوري لاءِ پيش ڪن. وفاقي ڪابينا کي بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي حوالي سان پا??ر ڊويزن هڪ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي پا??ر ڊويزن پاران تجويز ڏني وئي ته اهڙا علائقا جتي لائين لاسز 60 سيڪڙو ۽ ان کان وڌيڪ آهن اتي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ خصوصي پوليس فورس جوڙي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جو منصوبو غور هيٺ آهي جنهن جي شروعات سڀ کان اڳ بلوچستان کان ڪئي ويندي. وزيراعظم بجلي چوري، لائين لاسز کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي حوالي سان هڪ خصوصي ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدا??ت ڪئي.
سڄي ملڪ ۾ 23 جنوري 2023ع تي بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جي انڪوائري رپورٽ ڪابينا ۾ پيش، انڪوائري رپورٽ ۾ انساني غفلت ۽ بجلي جي پهچ جي نظام ۾ موجود خرابيون بنيادي سبب قرار، وزيراعظم پاران پاور بريڪ ڊائون جي ذميوارن کي سنگين لاپرواهي تي سزا ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena