اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبرن چيو آهي ته اسان جو آئين عدل ۽ انصاف جي ضمانت ڏي ٿو، آئين کان ??ٿانهين قانونن آئين کي داغدار ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي پارلياماني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي ميمبر خالد مقبول صديقي چيو ته عالمي امن کي هن وقت پاڪستان مان ??ه پر هندستان مان خطرو آهي، اسان کي هندستان کان ??ڌيڪ پاڪستان جي طرف ڌيان ڏي??و آهي. هن چيو ته آئين پاڪستان جا 50 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، 50 سال اسان 50 کان گهٽ ترميمون ڪيون آهن، اهي ترميمون ??ومي مفادن تحت ڪيون ??يون. قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها چيو ته آئين پاڪستان سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙن کي حق فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ مستقبل جي سمورن چئلينجن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پارلياماني مباح??ن سان آئين کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد نفيسه شاهه چيو ته پاڪستان کي عدالتي، سياسي، معاشي ۽ امن امان جا بحران درپيش آهن، پارليامينٽ عدالتي تجويزن خلاف بيٺل آهي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 245 تي عمل ٿيو، ٻن صوبن ۾ فوج گهرائي وئي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه ناصر چيو ته بنيادي حق آئين جي عين موجب آهن. پاڪستان جي آئين ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ??يون آهن، آئين جي سامهون سمورا مرد ۽ عورتون برابر آهن، مذهب جي آزادي به بنيادي انساني حق آهي.
اسان جو آئين عدل ۽ انصاف جي ضمانت ڏي ٿو: قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو پارلياماني ڪنونيشن کي خطاب
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر