اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فر??نس??سي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پنهنجي فرانس جي سرڪاري دوري جي لاءِ اسلام آباد کان پيرس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي فرانس جي د??ري دوران گلوبل فن??نس??گ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. گلوبل فن??نس??گ پيڪٽ سربراهي اجلاس پائيدار ترقي، توانائي جي متبادل ۽ قابل تجديد ذريعن، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل ۾ عالمي مالياتي نظام ۾ تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت جو فورم ثابت ٿ??ندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي جي – 77 ۾ اهم ميمبر ۽ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ جي سربراهه طور خطاب ڪندو. وزيراعظم پيرس ۾ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ک??نس??اءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي سرڪاري دوري لاءِ پيرس روانو
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena