اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ??لائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ان دوران وزيراعظم شهباز شريف ازبڪ صدر کي 9 جولاءِ 2023ع تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم صدر مرزيوئيف جي ٻيهر چونڊجڻ کي ازبڪ عوام جي ان جي قيادت تي اعتماد جو مظهر قرار ڏيندي پنهنجي پختي اعتماد جو ??ظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ بنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيراعظم ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي زور ڏيندي ترجيحي واپاري معاهدي ۽ ازبڪستان – پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ جي آپريشنل ٿيڻ تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو. هن چيو ته اهي ٻئي معاهدا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيندا. ثمرقند ۽ آستانه ۾ سندن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻو??هه کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن ??لائقائي ترقي کي تيز ڪرڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ توانائي، رابطن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا