اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ?? قطر جي گڏيل مفاد جي لاءِ معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تعاون ايندڙ سالن ۾ وڌ??ڪ بهتر ٿيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قطري هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) سليم حماد عقيل النابت سان ملاقات ۾ ڳال??ائ??ندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد جي م??مبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪ – قطر لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند ڪاروباري ۽ ??قت??ادي لاڳاپن ۾ بدلجڻ گهرجي. هن چيو ته هن سال پاڪستان ?? قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه مل??ائ?? ويندي، اميد آهي ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تعاون ايندڙ سالن ۾ وڌ??ڪ بهتر ٿيندو. صدر گذريل سال جي ٻوڏ دوران انساني امداد فراهم ڪرڻ، مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مالي مدد تي قطر جا ٿورا مڃيا. صدر قطر کي فيفا 2022ع فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. صدر قطري چيف آف اسٽاف کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز ملڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. صدر ايوان صدر ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) سليم حماد عقيل النابت کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز پڻ عطا ڪيو. صدر اعزاز ٻنهي م??ڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ ۾ ڪردار جي اعتراف ۾ عطا ڪيو.
پاڪستان ۽ قطر جي گڏيل مفاد جي لاءِ معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ