اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته سڄي مُلڪ ۾ چ??نڊ??ن 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آه??، چ??نڊ??ن منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آه??، اليڪشن ڪميشن پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو ۽ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن فراهم ڪيا آه??. نجي ٽي وي چينل ”نيوز ون“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريت ۾ گوڙ ۽ اختلاف راءِ هوندو آه??، مطالبو ڪرڻ ماڻهن جو حق آه??، اهو حق ملڪ جو آئين ڏي ٿو، ان حق کي کسي نه ٿو سگهجي، شڪايت ڪرڻ اسان جي سياسي ڪلچر جو حصو آه??، سياسي پارٽين کي دائري ۾ رهندي احتجاج جو حق حاصل آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ اهڙو ڪو خطرو نه آه?? جو ملڪ جي اندر چ??نڊ??ن منعقد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي، چ??نڊ??ن پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته چ??نڊ??ن ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آه??، اليڪشن ڪميشن پهرين ڏينهن کان پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري ادا ڪري رهي آه?? ۽ پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ عمل جي لاءِ 54 ڏينهن جي فراهمي يقيني بڻائي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جا خراب ڏينهن تڏهن شروع ٿيندا جڏهن اسان پنهنجي مقرر وقت کان اڳتي وڃون، اسان آئين ۽ قانون تحت غيرجانبدار رهندي پنهنجو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??ون، اسان اليڪشن ڪميشن جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آه??ون، جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چ??نڊ??ل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو پهريون ڏينهن هو، ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع به ٿيا، چ??نڊ?? جو عمل معمول موجب جاري آه??.
سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن تي ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن