اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ملڪ کي معيشت سميت مختلف چئلينجز ??رپيش آهن، اميد ڪريون ٿا ته سي??سي پارٽيون انهن مسئلن جو ادراڪ ڪندي انهن چئلينجز ??ي حل کي پنهنجي منشور جو حصو بڻائينديون، پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) چئلينجز ??ي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جون مثبت تجويزون ڳولڻ جي لاءِ هڪ بحث جي شروعات ڪئي آهي جيڪو خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي ۾ سي??سي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ سيمينارز جي تسلسل جي چوٿين سيمينار کي افتتاحي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته عام چونڊن جي حوالي سان ڌرين کي سيمينارز جي ذريعي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، انهن سيمينارز جو بنيادي مقصد نه رڳو آگاهي فراهم ڪرڻ آهي پر ماڻهن کي اعتماد سان ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري چيو ته انهن سيمينارز جو بنيادي مقصد نه رڳو عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ آهي پر سي??سي پارٽين ۽ ميڊيا سميت سمورين ڌرين کي اعتماد سان ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ پڻ آهي. هن معاشي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۾ ميڊيا جي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميڊيا ملڪي سي??سي منظرنامي تي گهري نظر رکي ٿي، ميڊيا کي به گهرجي ته اها ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍڻ جي لاءِ هن فورم جي ذريعي پنهنجي قابل عمل تجويزون پيش ڪري ته جيئن سي??سي پارٽيون عوام کي اهڙي حڪمت عملي ڏئي سگهن جيڪا ملڪ کي مسئلن جي ڌُٻڻ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي. هن چئلينجز ??ي ضابطو آڻي ملڪي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جا طريقا ڳولڻ جي لاءِ هڪ مباحثي جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ چيو ??ه چئلينجز ??ي باوجود پي آءِ ڊي ملڪي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي مقصد سان سيمينارز جو انعقاد ڪيو آهي جنهن تي پي آءِ ڊي ۽ سندس ٽي?? مبارڪباد جي مستحق آهي. وا??ح رهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ منعقد سيمينارز ۾ مختلف سي??سي پارٽيون شرڪت ڪري رهيون آهن ۽ ميڊيا جا نمائندا ۽ تعليمي ماهر به مباحثن ۾ شرڪت ڪري پنهنجون تجويزون پيش ڪري رهيا آهن.
ملڪ کي معيشت سميت مختلف چئلينجز درپيش آهن: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ