آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري ج?? شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي ج??ڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ج?? شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دو?? ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دنيا جي ٽن اهم خطن جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي ج?? مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي ج?? حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پائيدار معاشي ترقي ج?? واڌويجهه جي لاءِ علائقائي تعاون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري ج?? شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي ج??ڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ج?? شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. ان کان اڳ ٽنهي ملڪن جي پر??يهي وزيرن جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دو?? ٿي چڪو آهي.
پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر