اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خوداحتسابي هر اداري کي ??ختيار ڪرڻ گهرجي، احتساب طرف وڌندي ملڪ ۾ انتشار کي ??وڪيو پيو وڃي، انتشاري ٽولي جي رنگ ليڊر عمرا?? خان ذاتي مفادن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو، ان جي ڪا به معافي نه هجڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته وزيراعظم جلد قوم کي ??طاب ۾ اڳتي جي حڪمت عملي کا?? آگاهه ڪندو، عوام کي ??يليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ۾ خطاب دوران عوام کي ??جلي جي بلن ۾ ريليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم تمام جلد قوم کي ??طاب ڪندي اقتصادي پلان جو اعلان ڪندو ۽ ايندڙ 5 سالن جو معاشي منصوبو قوم آڏو رکندو. هن ٻڌايو ته تازو ئي هڪ اداري خوداحتسابي کي فروغ ڏيندي احتساب جو عمل شروع ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي. هن چيو ته احتساب طرف وڌندي ملڪ ۾ انتشار کي ??وڪيو پيو وڃي. خوداحتسابي هر اداري کي ??ختيار ڪرڻ گهرجي، فوج پاران احتساب جي شروعات تمام سٺو عمل آهي. هن چيو ته آءِ ايس پي آر جي پريس ريليز مان ثابت ٿئي ٿو ته جنرل فيض حميد کا?? جاچ جي نتيجي ۾ ٽن آفيسرن کي ??راست ۾ ورتو ويو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي ليڊر جي چوڻ تي ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائي پئي وئي. عمرا?? خان جي چوڻ تي سازشون ڪيون پئي ويون، ملڪ کي ??يرمستحڪم ڪيو پئي ويو، عدم اعتماد جي رٿ جي وقت به فيض حميد ۽ سندس ساٿي عمرا?? خان سان رابطي ۾ هئا ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا هئا. وفاقي وزير چيو ته ملڪي سلامتي دا??ُ تي لڳائڻ جي ڪنهن کي ??جازت نه ٿي ڏئي سگهجي، فيض حميد جي گرفتاري کا??پوءِ جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ائين لڳي ٿو ته وڌيڪ گرفتاريون پڻ عمل ۾ آنديون وينديون ۽ ان جو دائرو رڳو فوج جي اداري تائين نه رهندو، ان ۾ جيڪو به ملوث هوندو، قانون جي پڪڙ ۾ ايندو. هن چيو ته لڳي ٿو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جا جيل مان به رابطا هئا، هاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ان کا?? پاسو ڪيو وڃي ته ائين ان کا?? پري نه ٿو ڪري سگهجي. وڌيڪ ثبوت سامهون اچي رهيا آهن، 9 مئي جي حملي، آءِ ايم ايف کي ??ط لکڻ اهي سمورا ملڪ دشمن قدم ۽ ملڪ کي ??يرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش هئي. هن چيو ته انهن ماڻهن انتشاري ٽولي سان گڏجي ملڪ کي نقصان پهچايو، عمرا?? خان جيل مان رابطن جي ذريعي ملڪ کي ??يرمستحڪم ڪري رهيو آهي، هاڻي ائين نه هلندو، ان عمل ۾ ڪنهن سان ڪا رعايت نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته انشاءَ الله ملڪ ترقي ڪندو، معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان بحالي جي سفر تي هلي پيا آهيون، رپيو مستحڪم ٿيو آهي، سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته بجلي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿئي. هن چيو ته انتشاري ٽولي جو احتساب ضروري آهي، جيئن جيئن جاچ وڌندي وڌيڪ ماڻهن جا نالا سامهون ايندا. هن چيو ته انتشار ٽولي جي رنگ ليڊر عمرا?? خان مفادن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو ۽ ان جي ڪا معافي نه هجڻ گهرجي.
خوداحتسابي هر اداري کي اختيار ڪرڻ گهرجي، احتساب طرف وڌندي ملڪ ۾ انتشار کي روڪيو پيو وڃي، انتشاري ٽولي جي رنگ ليڊر عمران خان ذاتي مفادن جي لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے