اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام، اوڳاڙين جي وصولي ۾ بدعنواني جي روڪٿام، اسمگلنگ جي خاتمي، موثر روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته مهانگائي جو بار آهستي آ??ستي گهٽ ٿي رهيو آهي، مهانگائي جي شرح آگسٽ ۾ 9.6 سيڪڙو کان هيٺ اچي وئي آ??ي، رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ سان گڏوگڏ گردشي قرضن ۾ پڻ گهٽتائي آڻڻي پوندي، آءِ ايم ايف سان هي اسان جو آخري پروگرام هجڻ گهرجي، ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي ضرور ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو بار آهستي آ??ستي گهٽ ٿي رهيو آهي. آگسٽ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آ??ي. گذريل سال انهي مهيني ان جي شرح 27 سيڪڙو هئي. اها انتهائي خوش آئنده ڳالهه ??هي. ان تي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، سمورين لاڳاپيل وزارتن جي آ??يسرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آ??ي. اها تمام سٺي ڪاميابي آ??ي، سفر ڊگهو آهي پر اسان کي تيزي سان اڳتي وڌڻو ??هي. معيشت کي ترقي ڏيڻي آ??ي ۽ ان ۾ استحڪام آڻڻو ??هي. روزگار جا موقعا وڌائڻا آهن. خرچن ۾ تيزي سان گهٽتائي ڪرڻي آ??ي، ان جي لاءِ رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ کي يقيني بڻائڻو ??هي. بجلي ۽ گئس جي گردشي قرضن کي پڻ گهٽ ڪرڻو ??هي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس چوري ۽ بدعنواني کي روڪڻو ??هي. روزگار جا موثر موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح ??هي. ان کانسواءِ اسمگلنگ جو پڻ خاتمو ڪرڻو ??هي. انهن سمورن معاملن تي ڏينهن ر??ت ڪم ٿي رهيو ??هي. سفر مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه ??هي. جيڪڏهن اسان پنهنجي هدفن تي ڌيان ڏنوسين ته پنهنجي منزل تي ضرور پهچنداسين. جيڪڏهن زباني ڳالهين ۽ ڪاغذي ڪارروائي کان وڌيڪ عملدرآمد تي ڌيان ڏنوسين ته اسان پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا. معيشت جي بهتري جي لاءِ سمورن ر??ن ۾ سنجيدگي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. ڏينهن ر??ت محنت ڪندڙ قومن پنهنجون حالتون بهتر ڪيون، پاڪستان کي الله تعاليٰ معدنيات، قدرتي وسيلن سان مالامال ڪيو ??هي. پاڪستاني قوم خا طور تي نوجوان انتهائي باصلاحيت آهن. آءِ ايم ايف جي پروگرام جي گهُرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. آءِ ايم ايف بورڊ ۾ اسان جو ڪيس ويندو ته نئون سفر شروع ٿيندو پر اهو ملڪي تاريخ جو آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجڻ گهرجي. ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ ترقي ڪندو.
وزيراعظم پاران معاشي استحڪام، اوڳاڙين جي وصولي ۾ بدعنواني جي روڪٿام، اسمگلنگ جي خاتمي، موثر روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي عزم جو ورجاءُ، مهانگائي جو بار آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون