اسلام ??باد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاڻي وسيل?? جي تحفظ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ڪنهن به صوبي سان ڪا ناانصافي نه ٿيڻ ڏبي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ پ پ جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحما?? جي ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ڄاڻايل تب??يل??ن خلاف ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته سمورن صوبن جو ڪيس منهنجو ڪيس آهي، اسان گڏيل طور تي اهڙو قانون بڻائينداسين جنهن سان سمورن صوبن کي فائدو پهچي. هن چيو ته ارسا جي حوالي سا?? جيڪي به قدم کڻنداسين، ان حوالي سان سمورن صوبن ۽ شراڪتدارن سان مشاورت ڪئي ويندي. ارسا طرفا?? جيڪي دستاويز مون وٽ آيا آهن انهن ۾ سمورن صوب?? جي ميمبرن جون صحيحون آهن، ان ۾ سنڌ جي ميمبرن جون به صحيحون آهن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ جو ذڪر ٿئي ٿو ته مون کي لڳي ٿو منهنجو ذڪر ٿي رهيو آهي، سنڌ، پنجاب سڀني صوبن جو مسئلو، پاڪستان جو مسئلو آهي، جيڪ??هن ڪنهن صوبي کي اعتراض آهي ته ائين نه ٿيندو، هڪ اهڙي شيءِ جيڪا اڃا آئي ئي ناهي ان تي ڳالهه ٿي رهي آهي، اسان سڀني سان گڏجي هلنداسين. پاڻي وسيل?? جي ورهاست سائنسي بنيادن تي ڪئي ويندي، پاڻي جي ورهاست جو معاملو جيڪ??هن پارليامان کان ٻاهر ٿيندو ته هميشه لاءِ هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال 6 مهينن ۾ 18.8 ملين ايڪڙ پاڻي ڪوٽڙي دريا مان سمنڊ ۾ ويو، هر سال ڪيترائي ڀيرا واڌو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي، پاڻيءَ جي مقدار وڌڻ سان زمين ۾ نمڪيات وڌي وڃي ٿي. ان کان پوءِ ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي پنهنجو خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ڄاڻايل تب??يل??ن ذريعي سنڌ طاس معاهدي تي حملو ڪيو ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جو مقدار انتهائي گهٽ نظر اچي ٿو، پاڻي جي منصفاڻي وِرڇ وفاق جي ذميواري آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ نگران دؤر ۾ به تب??يل???? جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي محرومين کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، سمجهه ۾ نٿو اچي ائين ڇو ٿو ڪيو وڃي، عوام پهريان ئي بل?? جي چَڪيءَ ۾ پسجي رهي آهي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي آئي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ان خلاف ٺهراءُ آندو ويو آهي، پهريان ئي بلوچستان ۾ احساس محرومي آهي، سنڌ سان ائين نه ڪيو وڃي. سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته ڄام ??ادق جي دؤر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو سامهون آيو، پاڻيءَ تي صرف هڪ صوبي جو ڪنٽرول آهي، واپڊا پنهنجون ذميداريون نڀائڻ ۾ ناڪام ??هي، ارسا ايڪٽ تحت پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ هوندو آهي. هن چيو ته ارسا ايڪٽ کي نگران حڪومت ۾ پهرين آرڊيننس ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ارسا ايڪٽ سان ڇيڙڇار ڪئي پئي وڃي، ارسا ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
وفاقي حڪومت پاڻي وسيلن جي تحفظ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia