اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري نوابزاده نصرالله خان مرح??م جي لاءِ نشان امتياز جي سفارش ڪري ڇڏي. صدر ??صف علي زرداري نوابزاده نصرالله خان مرحوم کي جمهوريت، اتحاد ۽ انصاف جي لاءِ اڻٿڪ لگن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (لاڏڻي کانپوءِ)، ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ موجب صدر ڪابينا ڊويزن کي هدايت ڪئي آهي ته اها ايوارڊ ڏيڻ جو عمل شروع ڪري. صدر ??و چوڻ هو ته نوابزاده نصرالله خان ناليوارو ۽ باوقار سياستدان هو. سندس زندگي جمهوريت جي ترقي ۽ پاڪستان جي سياسي سالميت جي لاءِ وقف هئي. صدر ??صف علي زرداري چيو ته نوابزاده نصرالله خان جي بي مثال ديانت، ڀائيچارو ۽ جمهوري قدر ??يندڙ نسلن جي لاءِ حوصلا افزائي جو سبب هوندا. نوابزاده نصرالله خان مرح??م جي سڀاڻي 27 سيپٽمبر تي 21 هين ورسيءَ ملهائي پئي وڃي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار