اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي)سي??يٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سي??يٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب انهن خيال?? جو اظهار هن روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سان ڳا??هائيندي ڪيو جنهن گذريل ڏينهن وفد سان گڏ پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، معاشي، واپاري ۽ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي ڳا??هيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سي??يٽ چيئرمين چيو ته ويلنٽينا مٽوينيڪو جي پاڪستان دوري سان پاڪسان ۽ روس جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا. سندس دوري سان علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحالي کي به سگهه ملندي. سيد يوسف رضا گيلاني 2010ع ۾ پنهنجي روس جي دوري دوران صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات ۽ اُن وقت ٿيل معاهد?? جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبن سميت انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ روس جي معاونت کي ساراهيون ٿا. پاڪستان جي سي??يٽ ۾ هڪ اثرائتو پاڪستان – روس دوستي گروپ جوڙيو ويو آهي. عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوام?? نمائندا بهترين رهنمائي فراهم ڪري سگهن ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود واپاري ڳاڻيٽي کي اڃا وڌائڻ سميت، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان موقعا ڳولهڻ جي ضرورت آهي. نارٿ-سائوٿ ٽرانسپورٽ راهداري تمام اهم آهي. ان موقعي تي اسپيڪر ويلنٽينا مٽوينيڪو سي??يٽ چيئرمين پاران شاندار استقبال تي خراج تحسي?? پيش ڪيو ۽ چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان سان واپاري، اقتصادي، سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سميت مختلف شعبن وچ ۾ سهڪار کي به هٿي ڏني ويندي. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن تي اطمينا?? جو اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي پر عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ به مدد ملندي.
روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر پاران پاڪستان جي دوري سان گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ جا نوان رستا کلندا: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج