اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ??سلام آباد پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي آذربائيجان جي دوري ??وران ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفر??س جي ميزباني ڪئي ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عالمي معاشي واعدن جي تڪميل تي زور ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم ان موقعي تي ڊينمارڪ، چيڪ ريپبلڪ جي وزيراعظمن ۽ آذربائيجان جي صدر سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم جي ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم، گڏيل عرب امارات، تاجڪستان، ازبڪستان، قازقستان، نيپال جي صدرن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون.
وزيراعظم پنهنجو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔