اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين سان آسٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي ۽ دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت، دهشتگردي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين چيو ته ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ، سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن جو حل ترجيحن ۾ شامل آهي. وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جن جي آ??ين ضمانت ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم واري و??ارت جي ماتحت 18 هزار کان وڌيڪ مدرسن جي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، مدرسن جي شاگردن کي جديد فني تعليم فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آ??ٽريلين هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز چيو ته آسٽريليا مدرسن جي شاگردن کي جديد فني تعليم ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهي، نفرت ۽ عدم برداشت ٻه بنيادي عمل آهن جيڪي تشدد ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏيندا آهن. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ معاشري ۾ محبت، برابري، رواداري ۽ برداشت جهڙن جذبن کي هٿي ڏيڻ سان ئي ممڪن آهي. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر يونان ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هنرمند پاڪستانين کي آ??ٽريليا ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين چيو ته غير قانوني انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پاڪستان حڪومت وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان روزگار لاءِ پرڏيهي ملڪ ويندڙ ماڻهن کي جديد هنر سيکارڻ لاءِ پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي. ملاقات ۾ انتهاپسندي ۽ شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج