اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني م??لم دنيا جي عظيم اڳواڻ، اوڀر جي نياڻي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي چيو آهي ته اڄ اسان شهيد محترمه جي 17هين ورسي تي سندس قربانين کي خراجِ عقيدت پي?? ڪريون ٿا، شهيد محترمه نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت، مساوات ۽ انساني حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ اصولن تي ِٻَڌل قيادت پاڪستان جي عوام لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي. ان موقعي تي پنهنجي خاص پي??ام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد محترمه پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ان عزم کي م??بوط ڪيو ته جمهوريت ئي اسان جي ترقي جو واحد رستو آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته محترم بينظير ڀٽو هر قسم جي ڏاڍ ۽ آمريت ج?? دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هوءَ عورتن جي حقن، تعليم، صحت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهي ۽ پنهنجي قيادت ذريعي نوجوان نسل کي اهو درس ڏنو ته قومي اتحاد ۽ حب الوطني سان هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، سندس بصيرت ۽ جرئت اڄ به اسان کي م??حد ۽ منظم رهڻ جو سبق ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي ان ڏينهن جي موقعي تي هي عهد ڪرڻو آهي ته شهيد محترمه جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، خوشحال ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ سندس مشن کي جاري رکنداسين. سينٽ چيئرمين چيو ته اسان شهيد محترمه کي سلام پي?? ڪريون ٿا ۽ سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وِ??ار??نداسين.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، برابري ۽ انساني حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو: سينيٽ جو چيئرمين يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی